پاڪستاني اداڪارا رمشا خان کيس بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما سان ڀيٽ ڪندڙ ماڻهن تي ڪاوڙجي پئي آهي. ميڊيا مطابق رمشا خان جو هڪ وڊيو بيان وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هن مداحن کي کيس انوشڪا شرما جهڙي هجڻ جو چئي مخاطب ٿيڻ کان روڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي تھ مهرباني ڪري منهنجي انوشڪا سان ڀيٽ ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ڇوتھ مون کي صرف اهي ماڻهو پسند آهن، جيڪي رمشا طور سڃاڻن ۽ عزت ڏيندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close