اسلام آباد جي مارگلا جبلن ۾ باهه ڏيڻ واري ٽڪ ٽاڪر جي نئين وڊيو بھ وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڊولي نالي ٽڪ ٽاڪر جي قانون ٽوڙڻ واري ٻي وڊيو اچڻ بعد مداح ڪاوڙ ۾ آيا ۽ انهن سندس خلاف ڪاروائي ڪري گرفتاري جو بھ مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن ڊولي هڪ ٻي وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هن جبلن ۾ باهه لڳائڻ واري الزام کي رد ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو تھ مارگلا جي نيشنل پارڪ ۾ مون باهه ناهي ڏني، هي موٽروي جو حصو آهي. هن چيو تھ مان هن جڳهه تي جنهن وقت آيس تھ اتي باهه اڳ ئي لڳل هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close