شوبز

هانيا جو اقرار عزيز سان ڀاڪر پائي ملڻ واري وڊيو وائرل

پاڪستان جي ٻن وڏين اداڪارائن اقرا عزيز ۽ هانيا عامر وچ ۾ اختلاف غلط ثابت ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تھ هانيا عامر جو اقرا عزيز کي نظرانداز ڪرڻ واري وائرل ڪيل وڊيو جو مڪمل ورجن سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ ٻنهي اداڪارائن کي ڀاڪر پائي ملندي ڏيکاري ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو وائرل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هانيا ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران اقرا عزيز سان ملڻ بدران کيس نظرانداز ڪري ٿي، پر مداحن ساڳي تقريب جي مڪمل وڊيو سامهون آڻي سندن اختلافن کي رد ڪيو آهي. جڏهن تھ مڪمل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو تھ هانيا عامر پاڻ اڳتي وڌي اقرا عزيز سان ڳلي ملي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button