پاڪستان جي مشهور ڳائڻي ميشا شفيع جي وڊيو لنڪ تي جرح واري درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق علي ظفر ڪيس ۾ ميشا شفيع رهجي ويل جرح وڊيو لنڪ تي ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي، جنهن کي سيشن جج جي عدالت رد ڪيو، جنهن خلاف ميشا شفيع لاهور هائي ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي چيلنج ڪيو، جنهن کي پڻ رد ڪيو ويو آهي. ميشا شفيع درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي هئي تھ ڪينيڊا ۾ رهائش آهي، تنهنڪري جرح خاطر پاڪستان نٿي اچي سگهان، تنهنڪري باقي جرح وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close