شوبز

صبا قمر کي پرڏيهه مان پيار ڪندڙ گل موڪليندو رهي ٿو

پاڪستان جي وراسٽائيل اداڪارا صبا قمر کي پرڏيهه مان پيار ڪندڙ گل موڪليندو رهي ٿو، پر هن ان شخص جو نالو ٻڌائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق صبا قمر هڪ ٽي وي شو دوران ڳالهائيندي ميزبان جي ان سوال جي جواب ۾ اعتراف ڪيو تھ ڪو آهي، جيڪو کيس گل موڪليندو رهندو آهي. صبا قمر جو چوڻ هو تھ مون کي سدائين پيار ڪندڙ گل موڪلين ٿا، پر هي ماڻهو پرڏيهه ۾ رهندو آهي. هن چيو تھ پاڪستاني مداحن کي احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھ شادي جي خبر ناهي، پر پيار ڪري سگهجي ٿو، جيڪي حالتون اڄڪلهه آهن، لڳي ٿو تھ گل موڪليندڙ جو جلد نالو ظاهر ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button