شوبز

ڀارتي هدايتڪار هنسل مهتا دوست سفينا سان شادي ڪري ڇڏي

ڀارتي فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور هدايتڪار ۽ پروڊيوسر هنسل مهتا 17 سالن تائين دوست رهندڙ سفينا حسين سان شادي ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق 54 ورهين جي هنسل مهتا ۽ سفينا حسين شادي جي خبر مداحن سان شيئر ڪئي ۽ گڏ انهن تصويرون پڻ رکيون آهن. هنسل مهتا چيو تھ آخرڪار پيار سڀني تي حاوي آهي، ڇوتھ هي پيار آهي ۽ هر ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن راج ڪمار رائو، منوج باجپائي، وشال ڀردواج ۽ ٻين اداڪارن جوڙي کي مبارڪ ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button