شوبز

ڊولي کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد جي مقامي عدالت ٽڪ ٽاڪر ڊولي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق مارگلا جي جبلن ۾ باهه لڳائڻ واري ڪيس ۾ مقامي عدالت ۾ ڊولي پيش ٿيڻ بدران وڪيل جي معرفت ضمانت ۾ واڌ جي درخواست ڏياري، جنهن کي عدالت رد ڪندي کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت کي ڊولي جي وڪيل ٻڌايو تھ ڊولي هتي ئي موجود آهي، جيڪا ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست جي سلسلي ۾ مصروف آهي، ڇوتھ ڪيس ۾ جيڪي قلم لڳايا ويا آهن، اهي هن عدالت جي دائري ۾ نٿا اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button