شوبز

بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش مري وئي: صنم سعيد

پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد چيو آهي تھ الائي ڪيترا سال گذري ويا جو بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي، جيڪا مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن ۾ هاڻ مري وئي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ سياسي حالتن جي ڪري بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش پوري نھ ٿي سگهي آهي. هن چيو تھ هي دنيا جي وڏي فلم انڊسٽري آهي، جتي منهنجي پسند جا هدايتڪار بھ آهن. صنم سعيد موجب خودمختيار ۽ مضبوط عورتن جي ڪردارن وارا ڊراما تمام گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا، ڇوتھ اهي هر جڳهه تي مداحن کي گڏ ڪندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button