شوبز

راڳي سڌو جي قتل جو ذميواري ڪينيڊين گينگيسٽر قبولي ورتي

ڀارتي راڳي شڀديپ سنگهه سڌو موسيوالا جي قتل جي ذميواري هڪ ڪينيڊين گينگيسٽر گولڊي برار قبول ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق سڌو موسيوالا جي قتل بابت سوشل ميڊيا تي گينگيسٽر جي اعتراف واري پوسٽ وائرل ٿي، پر اڃا اهو واضع ناهي تھ اها پوسٽ گينگيسٽر پاڻ ڪئي آهي يا ڪنهن ٻئي سندس نالو استعمال ڪيو آهي. وائرل پوسٽ ۾ گينگيسٽر چئي رهيو آهي تھ سڌو موسيوالا جو نالو مڊوکيرا ۽ گرلال برار جي قتل ۾ آيو، پر پوليس ان جي خلاف ڪا ڪاروائي نھ ڪئي. هوڏانهن سڌو جي والد انڪشاف ڪندي الزام لڳايو آهي تھ پٽ کي ڪجهه وقت کان سڌو کي ڀنگ ادا ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون. ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا موجب راڳي جو قتل سيڪيورٽي واپس وٺڻ بعد ٿيو. جڏهن تھ هن پاڪستان اچڻ جو واعدو بھ ڪيو هو، پر هو جلد ئي مارجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button