شوبز

عيسائي آهيان، هر مذهب واري کي دعا ڏئي سگهان ٿي: شائي گل

پاڪستان ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو جي گيت پسوڙي ذريعي شهرت ماڻيندڙ ڳائڻي شائي گل چيو آهي تھ مان عيسائي آهيان، تنهنڪري هر مذهب واري ماڻهو جي فوتگي تي کيس دعا ڏئي سگهان ٿي. ميڊيا مطابق شائي گل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي شيئر ڪيل پيغامن ۾ هن جو چوڻ هو تھ، ڀارتي راڳي سڌو موسيوالا جي قتل تي دعا لکڻ تان مون کي پيغام ڏئي چيو ويو تھ مسلم طور غيرمسلم واري کي دعا جي اجازت ناهي. هن ٻڌايو تھ مون کي اهڙا ڪيترائي پيغام ملي رهيا آهن، پر بهتر ڳالهه اها بھ آهي تھ ڪن ماڻهن چيو تھ اسلام ڪنهن بابت بھ دعا ڏيڻ کان نٿو روڪي. هن چيو تھُ مداحن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي تھ مسلمان ناهيان، منهنجو تعلق تھ عيسائي خاندان سان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button