پاڪستان ۾ سويلين بالادستي جا نعرا هڻي اقتدار ۾ ايندڙ اتحادي حڪومت جي رڳو 17 ڏينهن جي مدي ۾ پيٽرليم شين جي اگهن ۾ 60 رپين تائين آيل واڌ ۽ عام ضرورت وارين شين جا اگهه چوٽ چڙهڻ تي عام ماڻهن سان گڏ شوبز ستارا پڻ پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. جڏهن تھ شوبز شخصيتن مهانگائي وڌڻ تي حڪومت ۽ ڪامورن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. مشهور اداڪارن رابعا بٽ، عمير رانا، محسن گيلاني، سيمي راحيل ۽ ٻيا اداڪار پريشاني جو اظهار ڪندي دلچسپ نموني سان اظهار ڪيو آهي. رابعا بٽ طنزيا انداز ۾ لکيو تھ سڀ ڪجهه وڌي رهيو آهي، ڇا تنهنجي دل ۾ منهجو پيار نٿو وڌي، ڇا ان جو حل بھ شهباز شريف کان پڇي اچان. عمير رانا چيو تھ ميان دي ناري، ڀٽو دي لاري لڳي پئي آهي. محسن گيلاني، سيمي راحيل ۽ ٻين چيو تھ هي ڪو بم کان گهٽ ناهي، الله سڀني کي پناهه ۾ رکي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close