شوبز

نورا فتحي جي شاهد ڪپور سان ڊانس جي وڊيو وائرل

بالي ووڊ اداڪارا نورا فتحي جي ساٿي اداڪار شاهد ڪپور سان گڏ ڊانس ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق وڊيو ۾ اداڪار جوڙي کي فلم جي ڪنهن گاني تي ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻڌايو وڃي ٿو تھ نورا فتحي ۽ شاهد ڪپور اها ڊانس ايوارڊ تقريب دوران ريهرسل ڪرڻ وقت ڪئي آهي، جنهن کي رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ نورا فتحي پاڻ بھ اها وڊيو شيئر ڪئي تھ مداح سندن ڊانس تي داد ڏيڻ بنا رهي نھ سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button