پاڪستان جي شهر لاهور ۾ فيشن شو منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس ۽ ٻين اداڪارن پڻ سهڪار ڪيو آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي تفريحي ماڳ واري جڳهه تي منعقد ڪيل
فيشن شو دوران ماڊلز مختلف فيشن برانڊز جي نمائندگي ڪندي ريمپ تي اچي ڪيٽ واڪ ڪيو ۽ پنهنجي ادائن سان موجود ماڻهن کان پنهنجي ساراهه ڪرائي آهي. هوڏانهن مداحن فيشن شو جون تصويرون شيئر ٿيندي ايونٽ کي بهتر قدم قرار ڏنو آهي.