
ڪراچي: پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا درفشان چيو آهي ته چاهيان ٿي ته منهنجي شادي به ڪترينا ڪيف وانگر خاموشي سان ٿئي. درفشان خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪندس ته ڪنهن به شخص سان گڏ ڊيٽ نه ڪريان ۽ سڌو نڪاح ڪريان، منهنجي خيال ۾ شادي کان اڳ ملاقاتون ڪرڻ هڪ عارضي شي هوندي آهي، نڪاح جي پنهنجي خوبصورتي آهي، توهان پنهنجو رشتو پڪو ڪريو، گهرڀاتين سان ملايو، پو ڀلي ملڻ شروع ڪري ڇڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شادي ڪترينا وانگر ڪرڻ گهرجي، ڇوته وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا جي رشتي جي باري ۾ آخري وقت تائين ڪنهن کي به خبر نه هئي.