
پاڪستان جي اداڪار جوڙي صبور علي ۽ سندس مڙس علي انصاري رنگ اچو ڪندڙ ڊرپ لڳرائي ورتي آهي. ميڊيا مطابق صبور علي ۽ علي انصاري کي واٽننگ ڊرپ لڳرائڻ تي مداحن پاران تمام گهڻي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. مداحن رنگ اڇو ڪرڻ واري مهم ۽ ان جي مشهوري ڪرڻ تي ٻنهي اداڪارن کي کريون ڳالهيون پڻ ٻڌايون آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ اصل ۾ اها ڊرپ رنگ اڇو ڪندڙ نھ پر وٽامنز واري آهي، جيڪا مختلف اداڪار اڳ بھ لڳائي چڪا آهن.