سپريم ڪورٽ پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع جي خلاف ڪرمنل ڪاروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پيڪا آرڊيننس جي شق 20 بابت ميشا شفيع جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي عدالت واضع هدايتنامو جاري ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تُھ سپريم ڪورٽ جي ٻھ رڪني بينچ مان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 8 جون واري درخواست جو فيصلو لکيو، جنهن ۾ ميشا شفيع جي اپيل کي ٻڌڻي لا منظور ڪيو ويو آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي تھ، ڏسڻو پوندو تھ پيڪا آرڊيننس جي شق 20 اظهار رائي جي حق سان تڪرار ۾ تھ ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close