پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان دوست کي هميشا خوش ڏسڻ چاهي ٿي. ميڊيا مطابق ماهرا خان پنهنجون پيار ۾ ٻڏل تصويرون شيئر ڪري انهن جي ڪيپشن ۾ دوست کي خاص پيغام ڏنو آهي. هن لکيو آهي تھ، منهنجو مطلب توکي ڏک ڏيڻ جو سبب بڻجڻ ناهي،
نھ مان توکي ڪا تڪليف پهچڻ جو سبب بڻجڻ چاهيان ٿي، مان رڳو اهو چاهيان ٿي تھ تون هميشا ٽهڪ ڏيندو ۽ کلندو رهين. ماهرا خان کلندي شيئر ڪيل تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، منهنجي امان کي مان بھ سدائين ٻٽيهه ئي ڏند ڪڍي کلندي وڻندي آهيان.