شوبز

آريان خان جي ضمانت نھ ٿي، ٻڌڻي اربع تائين ملتوي

بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت ڪالهه بھ ناهي ٿي سگهي ۽ عدالت ان تي ٻڌڻي اربع تي رکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪروزشپ پارٽي مان منشيات جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل آريان خان جي وڪيل عدالت ۾ ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا ۽ دعوا ڪئي تھ آريان وٽان منشيا هٿ نھ آئي آهي. عدالت نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اربع تي رکي آهي ۽ قرار ڏنو آهي تھ ضمانت تي فيصلو اين سي بي جي جواب کانپو ئي ڪيو ويندو، تيستائين آريان جيل ۾ رهندو. هوڏانهن اين سي بي هن ڪيس ۾ 20 ماڻهن کي حراست ۾ وٺي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button