شوبز

مهوش حيات فلم جي مشهوري ڪرڻ سوشل حب ڪراچي پهچي وئي

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مهوش حيات فلم جي مشهوري ڪرڻ سوشل حب ڪراچي پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق مهوش حيات، همايون سعيد ۽ سندس ساٿي اداڪار سوشل حب ڪراچي ۾ اچي مداحن سان ملاقات ڪئي ۽ ان دوران انهن سان گڏ سيلفيون ورتيون. جڏهن تھ مداحن فلم لنڊن نهين جائونگا جي ڪاسٽ کي ڀرپور انداز ۾ پيار ۽ ساٿي ڏئي کين حيران ڪري ڇڏيو. فلم قرباني جي عيد تي رليز ٿيندي.

مهوش حيات مداح عورت جو هڪ ٻار هنج ۾ کڻي سيلفي ڏئي رهي آهي

هوڏانهن مشهوري مهم دوران ڳالهائيندي مهوش حيات کان شادي بابت پڇيل سوال دوران همايون سعيد جملو ڳالهايو تھ مهوش کي شادي جي ڏس ۾ رنگ جو اڇو ڇوڪرو ئي گهرجي ٿو، جنهن تي مهوش حيات وراڻيو تھ، رنگ اشو ناهي، مان چوان ٿي گورو هجي يا ڪارو هجي، بس دل وارو هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button