شوبز

ميرا ڪراچي جي نلي برياني جي ديواني ٿي وئي

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ميرا ڪراچي جي نلي برياني جي ديواني ٿي وئي آهي، جنهن کي کائڻ خاطر اها ڪراچي اچي پهتي آهي. ميڊيا مطابق ميرا ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ اچي مشهور نلي برياني کاڌي آهي، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ميرا ريسٽورينٽ جي مالڪ سان گڏ وقت گذاريو ۽ برياني جي ذائقي کي ساراهيو آهي. ميرا کي ريسٽورينٽ ۾ برياني کائيندو ڏسي مداحن جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، جن ساڻس گڏ سيلفيون پڻ شيئر ڪيون آهن. ميرا جو چوڻ هو تھ مون زندگي ۾ اهڙي ذائقيدار برياني ناهي کاڌي، وڏو مزو آيو آهي. هوڏانهن انگريزي بعد ميرا اردو تلفظ جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون، جنهن تي مداح کلي کيرا ٿيا ۽ کيس برياني جو تلفظ سکڻ جو مشورو ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button