شوبز

امبر هرڊ دنيا ۾ خوبصورت ترين چهري جي مالڪ قرار

هالي ووڊ اداڪارا امبر هرڊ اڳوڻي مڙس جوني ڊيپ کان ڪيس هارائڻ باوجود دنيا ۾ خوبصورت ترين چهري جي مالڪ قرار ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق سائنسدانن جي ٽيم امبر هرڊ جي چهري جو سائنسي طور جائزو وٺڻ بعد ان بابت فيصلو ڏنو آهي. جڏهن تھ سائنسدانن امبر جي چهري ۾ اکين، ڀرن، نڪ، چپن، پيشاني ۽ کاڏي کي ماپيو ۽ ان ماپ تحت امبر هرڊ 91 ڏهائي 85 سيڪڙو حسين ترين قرار ڏني وئي آهي. امبر جي حسن جو ڪاٿو لڳائڻ جي ڏس ۾ يوناني فارمولو بھ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سائنسي طور امبر حسين ترين عورت بڻجي وئي آهي ۽ ڪم ڪارڊيشين ٻيو نمبر آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button