شوبز

عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم پهرئين ڏينهن ٿيڻ کپي ها: طوبا انور

پاڪستاني اداڪارا ۽ لاڏاڻو ڪري ويل اڳوڻي ايم اين اي عامر لياقت جي اڳوڻي زال طوبا انور بھ عامر لياقت جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ واري عدالتي حڪم تي پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق عامر لياقت جي اڳوڻي ٻيو نمبر زال طوبا انور چيو آهي تھ اختيارين کي جيڪڏهن عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻو هو تھ پهرئين ڏينهن اهو ڪرڻ بهتر ثابت ٿئي ها، وفات کي هڪ هفتو گذرڻ بعد اهڙي فيصلي سان وارثن کي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي. هن چيو تھ مون کي يقين آهي تھ الله تعاليٰ اسان جي معاملن جو بهترين انتظام ڪرڻ وارو رب آهي. هن چيو تھ الله مرحوم جي وارثن کي صبر عطا فرمائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button