شوبز

سارا علي ايوارڊ تقريب ۾ سلمان خان کي انڪل چئي ويٺي

بالي ووڊ جي نوجوان اداڪارا سارا سيف علي خان ايوارڊ تقريب ۾ سپر اسٽار سلمان خان کي انڪل چئي ويٺي آهي، جنهن تي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ميڊيا مطابق سارا سيف علي خان جي انڪل سڏڻ تي سلمان خان مذاق ڪندي کيس فلم نھ ڏيڻ جي ڌمڪي بھ ڏني، جنهن تي سارا علي خان وراڻيو تھ ائين چوڻ جو اوهان پاڻ ئي تھ چيو هو. هوڏانهن سلمان خان ۽ سارا علي خان جي وچ ۾ تقريب دوران مذاق واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ سارا خان چوي ٿي تھ سلمان انڪل اسان گڏ برانڊ آڻيان پئي، جنهن تي سلمان خان چئي ڏنو تھ، تو مون کي انڪل چئي ڇڏيو، بس هاڻ فلم ۾ ڪم نھ ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button