شوبز

پٺان ۾ دپيڪا ۽ شاهه رخ خان جي وارن جو هڪجهڙو انداز

بالي ووڊ جي ڪنگ آف رومانس شاهه رخ خان اعتراف ڪيو آهي تھ مان پوڙهو ٿي ويو آهيان، تنهنڪري هاڻ رومانوي ڪردار ڪرڻ جهڙو نھ رهيو آهيان. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ فلم پٺان ۾ پٺان ۾ دپيڪا پڊوڪون ۽ منهنجي وارن جو هڪجهڙو انداز هو، تنهنڪري شوٽنگ دوران ڪيترائي ڀيرا مسئلا ٿيا، ڇوتھ اسان جو لڪ هڪڙو ئي هو. هن چيو تھ مون 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽيم سان پنهنجي وارن جي انداز بابت ڳالهايو بھ هو. هن چيو تھ ڪجهه وقت اڳ هڪ فلم ۾ مون سان هيروئن عمر ۾ تمام گهڻي ننڍي هئي، ان سان رومانس ڪندي مون کي شرم اچي ويو، ڇوتھ پاڻ کي عجيب حالت ۾ محسوس ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button