
پاڪستاني اداڪارا حبا بخاري انڪشاف ڪيو آهي تھ آريز سان شادي کان اڳ بھ مون کي شادي جون آڇون ٿيون هيون. ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ شادي کان اڳ بھ ڪيترن ئي ماڻهن شادي جي آڇ ڪئي هئي ۽ آڇ ڪندڙن کي والدين سان ڳالهائڻ جو مشورو ڏنو، ڇوتھ مون کي خبر هئي تھ امان ۽ بابو موجود آهن، اهي درست فيصلو ڪندا. جڏهن تھ آريز کي بھ ائين چيو. هن چيو تھ منهنجا والدين آريز کي سڃاڻن پيا، تنهنڪري اها خبر هئي تھ ساڻس شادي ٿي ويندي.