شوبز

هالي ووڊ فلمون ڏيکارڻ تي اعتراض ناهي: ماهره خان

لاهور: نامياري اداڪارا ماهره خان چيو آهي ته عيدالفطر تي هڪ کان وڌيڪ فلمن جي رليز ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي ڇو ته ماڻهن وٽ چوائس هوندي آهي ته اهي ڪهڙي فلم ڏسڻ پسند ڪن. هڪ انٽرويو ۾ ماهره خان چيو آهي ته اسان پاڪستاني سينما گهرن ۾ هالي ووڊ جون فلمون ڏيکاريون وڃن ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري سئنيما گهرن ۾ فلمون ڏسن. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان اداڪارا چيو ته اداڪارا چيو ته اظهار جي آزادي هر ڪنهن کي هئڻ گهرجي پر تنقيد ڪرڻ وارا پنهنجو اصل نالو، اصل تصوير ۽ سڃاڻپ سوشل ميڊيا تي واضح ڪري رکن ته جئين ڪنهن کي به برو نه لڳي، قائداعظم زنده آباد رليز ٿيڻ واري آهي. جنهن ۾ مون سان گڏ فهد مصطفيٰ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button