
بالي ووڊ اداڪارا سشميتا سين انڪشاف ڪيو آهي تھ منهنجي زندگي ۾ آيل مردن مون کي مايوس ڪيو، تنهنڪري شادي نھ ٿي سگهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ ڌيئرن کي خاص عمر تائين منهنجي ضرورت هئي، هاڻ اهي شادي ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ناهن، مان ٽي ڀيرا شادي ڪرڻ جي گهڻو ويجهو پهتيس پر خدا بچائي ورتو، ڇوتھ شادي ٿيڻ سان مون سان ڳنڍيل زندگين تي خراب اثر پون ها.