
آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ پنهنجي اداڪار دوست جو ايلون سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي، پر ان کي اڃا تائين ڳجهو رکيو آهي. ميڊيا مطابق ٽيلر سوئفٽ ۽ جو ايولن جي ٿيل مڱڻي واري رسم کي ڳجهو رکڻ سبب ميڊيا ۾ ان جا تفصيل سامهون اچي نھ سگهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ جوڙي جي ويجهن دوستن ٻنهي جي مڱڻي ڪجهه مهينا اڳ ٿيڻ ڄاڻائي آهي. هوڏانهن هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيلر سوئفٽ اڃا تائين مڱڻي بابت پنهنجي ٽيم کي نھ ٻڌايو آهي.