شوبز

مس مارول ۾ فواد ۽ مهوش جي محبت مداح موهي وڌا

پاڪستان جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ اداڪارا مهوش حيات مارول سيريز جي نئين قسط ۾ هڪٻئي سان محبت جي جذبي ۾ ڳنڍيل نظر آيا آهن، جن جي اداڪاري مداحن کي موهي وڌو آهي. ميڊيا مطابق ڊزني جي ويب سيريز ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ جا منظر ٻيهر شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن تھ ويب سيريز جي 5 قسط ۾ فواد خان ننڍي کنڊ جي آزادي خاطر وڙهندي نظر آيو آهي. ويب سيريز ڪمالا خان ۾ ڪمالا جي پڙ ڏاڏي جو ڪردار فواد خان ۽ پڙ ڏاڏي جو ڪردار مهوش حيات ادا ڪيو آهي، جن جي شاندار انٽري نظر آئي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نئين قسط ۾ فواد خان کي مهوش حيات سان محبت ڪندي ڏيکاري ويو آهي. مداحن نئين قسط کي تمام گهڻو ساراهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button