
پاڪستان جي عالمي شهرت ماڻيل راڳي راحت فتح علي جي ڳجهن اڪائونٽس جو پتو ايف بي آر لڳائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق سوشل ميڊيا تي شيئر خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ راحت فتح علي جي ڳجهن اڪائونٽس جو پتو لڳي ويو آهي، جيڪي 60 ملين رپين جي ماليت جا آهن. خبر ۾ چيو ويو آهي تھ، ايف بي آر راحت فتح علي کي ڳجهن اڪائونٽس ۾ پيل رقم تي 43 لک رپين جو ٽيڪس گهري ورتو آهي. جڏهن تھ راحت فتح علي لڪايل پيسن تي لڳايل ٽيڪس جي رقم هڪ مهيني ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن اهڙي خبر تي مداحن دلچسپ تبصرا ڪندي پهرين حڪمرانن کان ٽيڪس وصولي جو مطالبو ڪيو آهي.