
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان مجهه سي پهلي سي محبت نھ مانگ جا ٻول جهونگاري ورتا آهن. ميڊيا مطابق ماهرا خان پنهنجي ڊانس واري هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس مشهور غزل مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نھ مانگ جي ڌن رقص ۾ مصروف ڏسي سگهجي ٿو. هوڏانهن ماهرا خان ڪاري وڳي ۾ نئون فوٽو شوٽ شيئر ڪندي ان کي بهترين فوٽو شوٽ قرار ڏنو آهي.