
پاڪستان جي پاوري گرل طور مشهور ماڊل دنا نير شادي جي هڪ رسم دوران پشتو گيت تي روايتي انداز ۾ ڊانس ڪئي آهي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق دنيا نير پروڊيوسر عمر مختيار جي شادي واري ڍولڪي جي رسم جي موقعي تي پشتو انداز ۾ ڊانس ڪئي، جنهن تي موجود دوستن ۽ ماڻهن کيس تمام گهڻو ساراهيو آهي. جڏهن تھ وائرل ٿيل وڊيو کي پڻ مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي.