
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر عورتن جي پنهنجي بادشاهت جي ڄاڻ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق صبا قمر پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪندي ان جي ڪيپشن ۾ عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي تھ عورتون مون تي ڀروسو ڪن، ڇوتھ کين راڻي بڻجڻ ۾ ڪنهن بادشاهه جي ضرورت نھ پوندي. هن جو چوڻ هو تھ مان يقين سان اها ڳالهه ڄاڻان ٿي تھ هر عورت پنهنجي دنيا جي بادشاهه آهي. هن چيو تھ رڳو هڪ ڀيرو پنهنجي حيثيت تي غور ڪري پاڻ کي راڻي طور تصور تھ ڪيو.