
بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪار جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ سندس مڙس رنوير سنگهه شاهه رخ خان جي پاڙي ۾ نئون گهر خريد ڪري سندس پاڙيسري بڻجي ويا آهن. ميڊيا مطابق رنويز سنگهه ساگر ريشم جي نالي سان گهر هڪ ارب 19 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو آهي، جيڪو شاهه رخ خان ۽ سلمان خان جي پاڙي ۾ آهي.