
پاڪستاني اداڪارا حريم فاروق موقعو ملڻ جي صورت ۾ ملڪ کي سڌري رستي آڻڻ جي خواهش ڏيکاري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق حريم هڪ ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي تھ جيڪڏهن مون کي طاقت ملي تھ ملڪي حالتون سڌي رستي تي آڻينديس. هوڏانهن مداحن جي وڏي تعداد حريم فاروق جي اهڙي موقف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي تھ ملڪ کان اڳ اوهان پهرين سڌي رستي تي اچي وڃو تھ بهتر ٿيندو.