شوبز

هالي ووڊ جوڙي جينيفر لوپيز ۽ بين ايفليڪ شادي ڪري ڇڏي

هالي ووڊ جي مشهور جوڙي ڳائڻي جينيفر لوپيز ۽ اداڪار بين ايفليڪ شادي ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق جينيفر لوپيز ۽ بين ايفليڪ شادي جي رسم ادا ڪرڻ بعد تصويرون بھ شيئر ڪيون آهن، جن کي مداحن تمام گهڻو ساراهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ جينيفر ۽ بين ايفليڪ پراڻين فلمن ۾ شامل ڪپڙن وارين ڊزائنن جهڙا وڳا پائي شادي جو ڪاڄ سجايو، جنهن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. ياد رهي تھ سال 2003ع ۾ شادي ملتوي ۽ رشتو ختم ڪرڻ بعد نيٺ ٻئي هڪٻئي جا ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button