
بالي ووڊ فلمن ۾ ديسي گرل طور شهرت ماڻيندڙ اداڪارا پريانڪا چوپڙا 40 سالن جي ٿي وئي آهي، جنهن گهرڀاتين سان گڏجي تقريب ڪري سالگرهه ملهائي آهي. ميڊيا مطابق پريانڪا چوپڙا فلمي ڪيريئر جي عروج ۾ شادي ڪرڻ بعد نياڻي کي پڻ جنم ڏنو آهي. هوڏانهن مداحن پريانڪا چوپڙا کي مبارڪون ڏنيون آهن.