
پاڪستاني اداڪارا عفت عمر پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خان کي سدائين تنقيد جو نشانو بڻائيندي رهندي آهي، پر پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ پارٽي جي تاريخي ڪاميابي کي هن پڻ تسليم ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق عفت عمر پوسٽ شيئر ڪندي چيو تھ، عوامي رايو مڃون ٿا، جيڪو اڪثريت ۾ پي ٽي آئي سان آهي.