
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مهوش حيات چيو آهي تھ پاڪستان جي فلم انڊسٽري جا وسيلا محدود آهن. هڪ رسالي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ عالمي طور ڪم ڪرڻ بعد محسوس ٿئي ٿو تھ اسان ننڍي فلم انڊسٽري ۾ موجود آهيون. سچ اهو آهي تھ اسان جي فلم انڊسٽري اڄ بھ شروعاتي مرحلي ۾ لڳي پئي، جيڪا وسيع نھ ٿي سگهي آهي. هن چيو تھ اسين پنهنجي صورتحال کي ڏسي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهيون.