پاڪستان جي مشهور مذهبي اسڪالر عامر لياقت جي بيوهه دانيا شاهه مڙس جي قبر ڪشائي ڪرائڻ جي ڏس ۾ درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق وڪيل جي معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ دانيا شاهه مڙس جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي پڻ استدعا ڪئي. جڏهن تھ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران دانيا ما سان گڏ پيش ٿي درخواست ڏني، جنهن دوران دانيا شاهه جي وڪيل دليل ڏنا تھ دانيا عامر لياقت جي زال آهي، مڙس جي موت جو سبب ڄاڻڻ سندس حق آهي. عدالت رمارڪس ڏنا تھ پوسٽ مارٽم قانوني ضرورت آهي، ان جو فيملي جي جذبات سان تعلق ناهي. هڪ ٻئي رمارڪس ۾ عدالت جو چوڻ هو تھ بينظير ڀٽو جي مڙهه جو پوسٽ نھ ٿيو، پر سڄي ملڪ جو پوسٽ مارٽم ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close