
پاڪستان جي خوبصورت ۽ ٽيلنٽڊ اداڪارا يمنا زيدي جا مختلف روپ مداحن کي وڻي ويا آهن. ميڊيا مطابق يمنا زيدي پنهنجي نئين ايندڙ ڊرامي ۾ ڇوڪرو بڻجڻ سميت ڪترائي روپ اختيار ڪيا آهن، جن کي مداحن نرالا قرار ڏيندي تعريف ڪئي آهي. هوڏانهن مداحن جي وڏي تعداد يمنا جي اداڪاري کي حيران ڪندڙ چئي کيس ذهين ڇوڪري جو لقب پڻ ڏنو آهي.