
پاڪستاني اداڪارا عرشي رضي اوچتو نڪاح ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، پر نڪاح جي وڊيو ۽ تصويرون وائرل ٿيڻ تي ڪاوڙجي پئي آهي. ميڊيا مطابق عرشي رضي وڊيو ۽ تصويرون وائرل ڪرڻ کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن شيئر ڪيل پوسٽ ۾ چيو تھ نڪاح جي تقريب ذاتي هئي، فوٽوگرافر وڊيو وائرل ڪري غلط ڪم ڪيو. هن چيو تھ نڪاح جي فوٽوگرافي ڪندڙ ڪمپني پرائيوسي جو ڪوبھ خيال نھ ڪيو آهي.