پاڪستان جي تمام گهڻو انتظار ڪرائيندڙ فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ کي نيٺ هلندڙ سال رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق عميما ملڪ، حمزا علي عباسي، فواد خان ۽ ماهرا خان جي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم بابت صحافي علي زين ڄاڻ ڏني آهي تھ فلم کي هلندڙ سال ئي رليز ڪيو ويندو. جڏهن تھ رليز جي تاريخ ۽ مهينو اڃا نھ ٻڌايو ويو آهي.





