پاڪستاني اداڪارا صوفيا مرزا کي عدالت پاران 50 ڪروڙ جي ڏنڊ جو نوٽيس ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق صوفيا مرزا جي اڳوڻي عمر فاروق وڪيل معرفت مقامي عدالت ۾ اڳوڻي زال صوفيا مرزا خلاف هتڪ عزت جي درخواست داخل ڪرائي 5 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جي دعوا داخل ڪئي آهي، جنهن تي عدالت صوفيا مرزا کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. عمر فاروق درخواست ۾ ڄاڻايو آهي تھ عدالت ۾ ڪيس هجڻ باوجود صوفيا مرزا ڪردار ڪشي ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close