
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عائزا خان 12 ملين مداحن جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق عائزا خان هڪ ڪروڙ 20 لک مداحن واري وڏي تعداد سان پاڪستان ۾ نمبر ون تي ديرو ڄمائي ورتو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نت نوان فوٽو شوٽس شيئر ڪرڻ، سير سپاٽن ۽ خاندان جي سرگرمين واريون تصويرون رکڻ تي عائزا خان مقبوليت ۾ اڳيان نڪتي آهي. جڏهن تھ عائزا خان سوشل ميڊيا تي وڌيڪ فالو ٿيندڙ پهرين پاڪستاني اداڪارا پڻ بڻجي وئي آهي.