شوبز

ڪترينا ۽ وڪي قتل جون ڌمڪيون، جوابدار بھ گرفتار

بالي ووڊ جي اداڪار جوڙي وڪي ڪوشل ۽ سندس زال ڪترينا ڪيف قتل جون ڌمڪيون ملڻ بعد هراسمينٽ جو شڪار ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا  ڪيف زندگي خطري ۾ هجڻ جو موقف اختيار ڪندي پوليس وٽ شڪايت پڻ داخل ڪرائي آهي. ممبئي پوليس جو چوڻ آهي تھ وڪي ڪوشل﷢ ٻڌايو آهي تھ زال ڪترينا ۽ کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ هڪ ماڻهو سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏيڻ بعد اسان جي پويان بھ ايندو ويندو آهي. پوليس موجب مانويندر سنگهه نالي لکنئو واسي کي ڌمڪين جي الزام گرفتار ڪيو آهي، جيڪو ڪترينا جو مداح آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button