
پاڪستاني اداڪارا حرا ماني ڪراچي ۾ گهر ڇڏي مرضي موجب شادي ڪندڙ نينگري دعا زهرا جي حق ۾ ڳالهائڻ تان ڇتي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق مداحن حرا ماني کي مخاطب ٿيندي چيو تھ 14 ورهين جي ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو، هي حمايت پئي ڪري، ماڻهو سندس ڳالهين کان پري رهن.