
بالي ووڊ اداڪارا ڊشا پٽاني انڪشاف ڪيو آهي تھ رنبير ڪپور سندس پهرين محبت آهي، اڄ بھ کيس پسند ڪندي آهيان. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ اسڪول جي دوري کان ئي رنبير ڪپور جي مداح رهي آهيان ۽ کيس پسند ڪندي رهيس. هن چيو تھ اسڪول مان واپسي تي رنبير ڪپور جي فلمن جا پوسٽر ڏسڻ خاطر بيهي رهندي هيس، هو منهنجو ڪرش هو، آهي ۽ رهندو. هن چيو تھ رنبير جا پوسٽر ڏسندي حادثن کان بچي آهيان.