شوبز

حرا ماني دعا زهرا بابت بيان تي تنقيد بعد معافي وٺي ڇڏي

پاڪستاني اداڪارا حرا ماني دعا زهرا بابت بيان تي تنقيد بعد معافي وٺي ڇڏي آهي. حرا ماني ان معاملي تي وڊيو بيان جاري مداحن کان معافي ورتي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ حرا ماني ڪجهه ڏينهن اڳ دعا زهرا ۽ سندس مڙس ظهير جي حق ۾ بيان ڏنو هو، جنهن تي مٿس ڇتي تنقيد ٿي هئي. هن وڊيو بيان ۾ چيو تھ، دعا زهرا ۽ ظهير واري معاملي تي مون کي مڪمل معلومات مليل نھ هئي، مان هن معاملي تي غلط هيس، غلطي تسليم ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ نھ هجڻ گهرجي. هوڏانهن منيب بٽ، سونيا حسين، صبا فيصل ۽ ٻين شوبز شخصيتن حرا ماني جي بيان تي کيس حوصلو ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button