
پاڪستاني اداڪارا سجل علي لاهور ۾ عورت جي سرعام اغوا واري واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ لاهور ۾ هڪ عورت اغوا ٿي وئي، پر اسان جا پيارا سياستدان اقتدار تي پيا وڙهن. ميڊيا مطابق سجل علي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو تھ لاهور ۾ عورت جي اغوا وارو پيش آيل واقعو خوف پيدا ڪرڻ خاطر ڪافي آهي، هڪ عورت پنهنجي آفيس مان نڪري ڪار ۾ ويٺي تھ جوابدارن کيس يرغمال بڻايو. هن چيو تھ جوابدار ڪلاڪ تائين عورت سميت روڊن تي رهيا، تشدد ڪيائون، ڪوبھ نھ آيو، بعد ۾ عورت پاڻ ئي جان بچائي، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز بھ آيا آهن. هن چيو تھ هي واقعو اسان کي شرمندو ڪرڻ خاطر وڏو مثال آهي.